37000 استادن جون خالي جايون. New Jobs PST - JEST

 اسڪول ايجو ڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ

۾ 37000 استادن جون خالي جايون.

PST JEST New Jobs
اهي خبرون گذريل ڪافي عرصي کان اخبارن، نيوز چينلز، سو شل ميڊيا ۽ اسان سنڌ ي ماڻهن جي ڪهچا ري جو محور بڻيل آهن ته اسڪول ايجو ڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ  تمام جلد استا دن جي  نوڪرن جو اشتهار اخبارن ۾ شايع ڪرڻ وڃي رهي آهي. جنهن جو هنير انتظارختم ٿيڻ وارو آهي ڇو ته ا سڪول ايجو ڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ۽ سکر آ ئي بي اي جو استادن جي ڀرتي لاءِ ميمو رينڊ م  طئي ٿي ويو آ هي ۽ تمام ضروري مرحلا  به مڪمل ٿي ويا آهن ۽ ٻڌو اهي پيو وڃي ته ايندڙ هفتي جي آچر تا ئين استادن جي ڀرتي وارو اشتهار مختلف اخبارن ۾ اچي ويندو جنهن جو بار بار ذڪر هلي به پيو.

 New Jobs in Education Department JEST - PST 2020  

ان حوالي سان  ا سڪول ايجو ڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ اميدوارن جي آساني لاءِ هن دفعي تمام ضروري معلو مات مختلف ذريعن وسيلي مهيا ڪري رهي آهي. جنهن ۾ اميدوارن پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز  لاءِ الڳ الڳ ڪورس ، سکر آئي بي اي طرفان سيپل پيپر ، گهربل تعليم ۽ لياقت وغيره جو اعلان ڪيو ويو آهي.

ا سڪول ايجو ڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ هن دفعي اهو واضح ڪيو آهي ته استادن جي ڀرتي ميرٽ جي بنيا د تي ڪئي ويندي ۽ ان جو پيپر سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ جي نصاب مان ورتو ويندوجنهن ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته پي ايس ٽيز لا ءِ پهرين درجي کان اٺين درجي جي رياضي، مادري زبان يعني سنڌي يا اردو، جنرل سائنس، عام معلومات (جنرل ناليج )،اسالاميات ، سوشل اسٽڊي، ترت معلو مات (ڪرنٽ افيئر)، ڪمپيو ٽر ۽ انگريزي شامل آهي.

اهڙيءَ طرح جي ايس ٽيز لا ءِ وري ڇهين درجي کان ڏهين درجي جي  رياضي، مادري زبان يعني سنڌي يا اردو، جنرل سائنس، عام معلومات (جنرل ناليج )،اسالاميات ، سوشل اسٽڊي، ترت معلو مات (ڪرنٽ افيئر)، ڪمپيو ٽر ۽ انگريزي کي شامل ڪيو ويو  آهي.

پي ايس ٽيز ۽ جي ايس ٽيز جي اميدوارن لا ءِ  عمر جي حد ۾  پڻ  نرمي ڪئي وئي آهي جنهن جي حد  45 سال جي عمر رکي وئي آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته اميدوار 700 روپين جو چالا ن ڀري ايس ٽي ايس تي آنلائين اپلا ءِ ڪري سگهندو ۽ جيڪڏ هن ڪنهن اميدوار کي هڪ کان وڌيڪ پوسٽ لاءِ اپلا ءِ ڪرڻو هوندو ته اهو هر هڪ پوسٽ لاءِ الڳ الڳ 700 روپين جو چا لان ڀري ايس ٽي ايس (سيبا تيسٽنگ سروس) تي ٻنهي پوسٽن لاءِ 

آنلائين اپلاءِ ڪندو.

Jobs Advertisement   JEST PST New 

پي ايس ٽي جي پوسٽ جو پي اسڪيل (بي پي ايس_09) رکيو ويو آهي ۽ جڏهن ته  جي اي ايس ٽي جو بيسڪ پي اسڪيل (بي پي ايس_14) آهي. استادن جي خالي جاين جي  ڀرڻ لاءِ واري پاليسي ۾ اهو پڻ واضح ڪيو ويو آهي ته اميد وار لاءِ  بي ايڊ يا ايم ايڊ جو هجڻ شرط نه هوندو پر ان تي ڪجھ اضافي مارڪون ظرور هونديون.

Mock Test of JEST PST Jobs 2021 

استادن جي خالي جاين جي  ڀرڻ  واري پاليسي مطابق پي ايس ٽي لاءِ انٽرميڊ يئيٽ ۽ جي اي ايس ٽي لاءِ بي اي يا بي ايس سي يعني 14 سال جي تعليم کي لازمي قرار ڏ نو ويو آهي جنهن ۾ اضافي تعليم جو ڪو ئي پلس پوائنٽ نه هوندو سواءِ بي ايڊ يا ايم ايڊ جي.

پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ کان پو ءِ اهل اميدوارن کي آنلا ئين سلپ جاري ڪئي ويندي جنهن کان پو ءِ اميدوار ٽيسٽ ۾ اپيئر ٿي سگهندو جيڪا سکر آئي بي اي طرفان سنڌ جي مخطف شهرن ۾ منعقد ڪئي ويندي. اميدوارن کان 100سوالن تي مشتمل  ايم سي ڪيوز ٽائيپ پيپر ورتو ويندو جنهن ۾ اميدوارن کي 55سيڪڙو مارڪون لازمي کڻڻيون هونديون ٻي صورت ۾ اميدوار کي نا پاس تصور ڪيو ويندو.

 New Jobs  JEST - PST 2021  Book Click Here 

پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي جي لاءِ ا سڪول ايجو ڪيشن اينڊ لٽريسي ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ۽ سکر آ ئي بي اي طرفان سيپل پيپرز پڻ جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ ٻنهي ( پي ايس ٽي۽ جي اي ايس ٽي ) لاءِ  پنج سيڪشن رکيا ويا آهن. پهرين سيڪشن ۾ سنڌي يا اردو جا 15 سوال (مادري زبان)، ٻئين سيڪشن ۾سوشل اسٽڊيز، ترت معلومات (ڪرنٽ افيئرس)، جنرل ناليج، اسلاميات، اٿڪس ۽ ڪمپيو ٽر ناليج جا 15 سوال. ٽئين  سيڪشن ۾ انگريزي جا 20 سوال. چوٿين سيڪشن۾ رياضي جا25 سوال ۽ جڏهن ته آخري ۽ پنجين سيڪشن ۾ جنرل سائنس جا 25 سوال هوندا. 

For new update visit Job Web Portal Jobsitepk 

Post a Comment

0 Comments